چوڌري پرويز الاهي

چوڌري پرويز الاهي

چوڌري پرويز الاهي

چوڌري پرويز الاهي: پنجاب جو اڳوڻو وزيراعليٰ، پرويز الاهي'>چوڌري پرويز الاهي، پهرين نومبر 1945ع تي گجرات ۾ ڄائو. سندس والد چوڌري منظور الاهي، نامياري سياستدان ظهور الاهيءَ جو ڀاءُ هو. هي گهراڻو صنعتڪار هئڻ سان گڏ سياسي اثر رکندڙ به آهي. پرويز الاهي'>چوڌري پرويز الاهي، لاهور جي ڪرسچن ڪاليج فار مئن مان گـريجـوئيـشــن ڪـرڻ بـعـد لـنڊن مان انڊسٽريل مئنيجمينٽ ۾ ڊپلوما ڪئي ۽ ڏيهه اچي خانداني ڪاروبار سنڀاليو، جنهن ۾ ٽيڪسٽائيل ، شگر ملون ۽ فلور ملون شامل آهن. هن 1983ع کان سياست ۾ پير پاتو ۽ پهرين ضلعي ڪائونسل گجرات جو چئن سالن تائين چيئرمئن رهيو. 1985ع ۾ بنا مقابلي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ پوءِ اٺ سال پنجاب جي لوڪل گورنمينٽ ۽ رورل ڊولپمينٽ کاتي جو صوبائي وزير رهيو. 1993ع ۾ پنجاب اسيمبليءَ جو ڊپٽي اپوزيشن ليڊر رهيو، جڏهن ته 1997ع ۾ بنا مقابلي پنجاب اسيمبليءَ جو اسپيڪر منتخب ٿيو. شروعات ۾ سندس سياسي وابستگي پاڪستان مسلم ليگ جي نواز شريف واري ڌڙي سان رهي. پوءِ اختلاف رکي 2002ع جي عام چونڊن ۾ سندن پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (ق) اڪثريت سان کٽي آئي. ق ليگ جو صدر سندس سئوٽ چوڌري شجاعت هو. پرويز الاهي'>چوڌري پرويز الاهي 2002ع کان 2007ع تـائيـن پنـجـاب جــو وزيـراعـليٰ رهـيو. هـن پنهـنجـي وڏ وزارت جـي دؤر ۾ ‘Punjab Institute of Language, Art and Culture’ (PILAAC) ادارو قائم ڪيو (ڏسو: پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج، آرٽ ايند ڪلچر (PILAAC)، جلد ٽيون). 2008ع جي عام چونڊن کان پوءِ ’ق‘ ليگ پهرين اپوزيشن بئنچن تي ويٺل رهي، پر پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي مفاهمتي سياسي فارمولي جو اپريل 2011ع کان حڪومت ۾ شامل ٿي، جنهن بعد چوڌري پرويز الاهيءَ کي وفاق ۾ سينيئر وزير صنعت ۽ دفاعي پيداوار جو قلمدان ڏنو ويو آهي.


لفظ چوڌري پرويز الاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.11.01  عيسوي

پنجاب جو اڳوڻو وزيراعليٰ، چوڌري پرويز الاهي، پهرين نومبر 1945ع تي گجرات ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جارج برنارڊشا
شاهد خاقان عباسي
صديقي نذير احمد پروفيسر
ارڏو اترادي
استاد بخشو خان
راڻي لاڏي
احمد شهيد بريلوي
بخش علي لاکو
درس محمد سچل
خان صاحب ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون